روهاڪي سانءِ

روهاڪي سانءِ

روهاڪي سانءِ

روهاڪي سانءِ (Grey Heron/ Ardea Cinerea): پاڻيءَ جو پکي روهاڪي سانءِ قدبت ۾ وڏي ٿيندي آهي. ان کي ڪارسُرا سائي رنگ جا کنڀ ٿيندا آهن. هي حلال پکين ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ ننڍي مڇيءَ تي گذران ڪري ٿي. روهاڪي سانءِ مادي ۽ نر هڪجهڙا ٿين ٿا. سندن پُٺي ڪارسري سائي ۽ هيٺيون حصو سفيد کنڀن جو ٿيندو آهي. سانءِ جي اک هيڊي، چهنب ڊگهي ۽ مضبوط، مٿو اڇو ٿيندو آهي. سانءِ شڪاري ڌاريندا آهن ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي لڪڙ جا گول پکا ٺاهي ان کي ننڍي پاڻيءَ ۾ ويهاريندا آهن. اهڙي سانءِ کي ’سڏرسانءِ‘ چوندا آهن، ڇو ته اُن جي سڏن تي ٻيون سانئون هن وٽ پهچي وينديون آهن ۽ شڪاري دلبو پائي کين ٽنگن کان پڪڙيندا آهن. سانءِ ڪنارن سان واهيرو ڪندي آهي. هن جو هڪ قسم منڇر ۾ ٿورو ملي ٿو. هيءَ وڏي ٻگهه وانگر ٿئي ٿي، جنهن جون اکيون پِيليون ٿين، ان جي پٺيءَ تي سرمائي ناسي کنڀ ٿين، سندس ڪلها، مٿو ۽ هيٺيون جسم ناسي ٿئي ٿو ۽ ان کي ڳچيءَ وٽ اڇا ڪارا ليڪا ٿين ٿا. هن جي ڳچيءَ وٽان کنڀن جي لڙهي لڙڪيل هوندي آهي. سانءِ هوريان هوريان هلندي آهي ۽ بيهڻ وقت ڳچي ڪلهي تي رکندي آهي. گهاٽي پن يا ڏِير ۾ اڪثر مڇي، ڏيڏر ۽ ٻي آبي جيوت جو شڪار ڪري کائيندي آهي. سانءِ اڏامڻ ۾ سست آهي، اڏام وقت ان جون ٽنگون لڙڪيل هونديون آهن. سانءِ گهڻو ڪري زمين تي آکيرو ٺاهيندي آهي، آرام ڪرڻ مهل هڪ ٽنگ تي بيهندي آهي. هيءَ 90 کان 100 سينٽي ميٽر قدبت جي ٿيندي آهي. پَرَ پکيڙي اڏار ڪندي آهي. هن جي مٿي تي کنڀن جو ڪارو موڙ هوندو آهي. سندس ڇاتيءَ جا کنڀ اڇا ٿين ٿا، پر انهن تي ڪاريون ليڪون هونديون آهن. هن جي چهنب سڌي، سنهي ۽ پِيلي ٿئي. هن جا آنا سائي رنگ جا ٿين ٿا. هوءَ ٽن کان پنج آنا ڏيندي آهي ۽ فيبروريءَ کان اپريل جي مهينن ۾ آرو ڪندي آهي. هيءَ ڀوري سانءِ سان ملندڙ آهي، جنهنڪري ٻنهيءَ جي سڃاڻپ عام شڪاريءَ کان ٿي نه سگهندي آهي.


لفظ روهاڪي سانءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو